شڪارپور گزٽ

شڪارپور گزٽ (اخبار): هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار 1932ع کان هيرالعل رامچند ڀوراڻيءَ جي ادارت ۾ رام اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌري ٿي. هيءَ اخبار چئن صفحن تي مشتمل هوندي هئي. اخبار ۾ عالمي خبرن کان سواءِ هندستان، سنڌ ۽ شڪارپور جون خبرون به ڏنيون وينديون هيون. هن اخبار جو ايڊيٽوريل ۽ مستقل ڪالم ‘مستاني جي ڊائري’ خاص طور پڙهندڙن جي مطالعي جو مرڪز هئا. هن اخبار جي قيمت ٽڪو رکيل هئي. هيءَ اخبار 1946ع ۾ بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو